تازه ترين

غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ يارنهن سئو کان وڌي ويو

- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ يارنهن سئو کان وڌي ويو جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 5 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن. هوائي ۽ سامونڊيءَ بمباري کانپوءِ اسرائيل غزه ۾ زميني آپريشن جي ڌمڪي ڏيندي ٽي لک ريزرو فوجي غزه جي سرحد تي موڪلي ڇڏيا  جڏهن ته هٿيارن سان ڀريل امريڪي جهاز به اسرائيل پهچي ويو. اسرائيل بمباري ۾ اسلامڪ يونيورسٽي جا ڪجه بلاڪ، رهائشي عمارتون ۽ بازار ملبي جو ڍير بڻجي ويا، غزه ۾ بي گهر  ماڻهن جو تعداد 2 لک 60 هزار کان وڌي ويو جڏهن ته واحد پاور اسٽيشن جو ڪم بند ڪڻ کانپوءِ غزه ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي. اسرائيل جو القسام بريگيڊ جي سربراهه تي گهر اسرائيلي حملي ۾ سپريم ڪمانڊر محمد الضيف جو پيءُ، ڀاءُ، ڀائيٽو شهيد ٿي ويا. ٻئي پاسي اسرائيلي جارحيت جي جواب ۾ حماس جي ڪارروائي دوران گذريل پنجن ڏينهن ۾ مارجي ويل اسرائيلن جو تعداد 1300 کان وڌيو ويو جڏهن ته ٽي هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اسرائيلي بمباري جو جواب ڏيندي حماس به تل ابيب، عسقلان، اشدود، ۽ سيدروت تي راڪيٽ فائر ڪيا. حماس جي حملن ۾ 22 امريڪي شهرين ۽ 188 اسرائيل فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. هوڏانهن حزب الله اسرائيل فوجين کي  نشانو بڻائڻ جا فوٽيج جاري ڪري ڇڏيا آهن. حماس جي حملن کانپوءِ تل ابيب جو گورين ايئرپورٽ هوائي ٽريفڪ جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو. اسرائيل جي موجوده صورتحال ۾ جرمني پنهنجي 5 هزار شهرين کي اسرائيل ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
21 %
2.8kmh
1 %
سُومر
27 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون