تازه ترين

غزه تي اسرائيلي حملا جاري، حماس جون به جوابي ڪارروايون

غزه ۾ هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي حملا پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي، شهيد فلسطينين جو انگ 900 ۽ زخمين جو چار هزار 600 تائين پهچي ويو آهي، حماس جي ڪاروائين ۾ هن وقت تائين 123 فوجين سميت 13 سئو اسرائيلي مارجي چڪا جڏهن ته ٽي هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، ڪيترن ئي اسرائيلي فوجين کي حماس يرغمال بڻائي ورتو آهي.

غزه ۾ هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي حملا پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي، اسرائيلي جهازن جي وحشياڻي بمباري جاري آهي.

اسرائيلي جهازن پناهگيرن جي ڪيمپ ۽ گڏيل قومن جي آفيسن کي به نشانو بڻايو، 7 مسجدون ۽ 72 عمارتون تباهه ٿي ويون جڏهن ته پاڻي، بجلي، کاڌي پيتي جي شين  جي فراهمي به معطل آهي.

اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 900 ۽ زخمين جو چار هزار 600 تائين  پهچي ويو.

فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس غزه تي حملن جو جواب ڏيندي اسرائيلي شهري عشقلان تي راڪيٽن سان حملو ڪيو.

حماس جي القسام بريگيڊ طرفان تل ابيب جي بين گورين ايئرپورٽ کي به ميزائلن جو نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

گذريل 5 ڏينهن کان جاري حماس جي حملن ۾ مارجي ويل اسرائيل جون تعداد 1300کان وڌي ويو آهي جڏهن ته غزه ۽لبنان کانپوءِ شام مان به اسرائيل تي ميزائل حملن جي شروعات ٿي وئي.

گڏيل قومن ۾ مقرر اسرائيل سفير غزه ۾ هڪ سئو کان ڏيڍ سئو تائين اسرائيلي يرغمالين جي حماس وٽ موجودگي جو اعتراف ڪيو آهي.

حماس طرفان اسرائيل کي وارننگ ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن غزه تي بمباري بند نه ڪئي وئي ته هڪ هڪ اسرائيل يرغمالي کي قتل ڪري ڇڏيندا.

حوثين به غزه کي ريڊلائين قرار ڏئي ڇڏيو آهي، حوثين حماس ۽ القسام کي مدد جي آڇ ڪندي آمريڪا کي به وارننگ ڏني ته غزه ۾ مداخلت جي صورت ۾ ڊرونز ۽ ميزائلن سان جواب ڏنو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون