غزه جنگ بندي معاهدي تي اسرائيلي تجويزن تي هاڪاري انادز ۾ غور ٿيو آهي : اسماعيل هانيه

- Advertisement -
دهشتگرد اسرائيل جا فلسطينين تي ظلم جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 28 فلسطيني شهيد ۽ 66 کي زخمي ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 34 هزار 569 تائين پهچي ويو جڏهن ته 77 هزار 816 زخمي ٿي چڪا آهن. حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه چيو آهي ته غزه جنگ بندي معاهدي تي اسرائيلي تجويزن تي هاڪاري انادز ۾ غور ٿيو آهي. مصري عملدارن سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسرائيلي جارحيت جو خاتمو ڪرائڻ واري معاهدي تي وڌيڪ ڳالهين لاءِ حماس جو وفد جلد مصر ايندو. هوڏانهن پاسي امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته رفح آپريشن وڏي سانحي جو سبب بڻجندو، هو ڪنهن به صورت ۾ ان آپريشن جي حمايت نه ڪندا. ٻئي پاسي يونيورسٽين ۾ احتجاج تي صدر جوبائيڊن خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صدرجوبائيڊن جو چوڻ هو ته هو آمراڻي قوم ناهي جو اظهار جي آزادي تي پابنديون لڳائن، احتجاج سڀني جو حق آهي پر ڪنهن کي به افراتفري پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
64%
0.5m/s
0%
اربع
15 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون