- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي ڪاميابي لاءِ امريڪا جي حمايت اڻٽر آهي.
آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ پاڪستان جي درخواست جي حمايت ڪري ٿو، هـُو هر ان اڳڀرائي جي حمايت ڪن ٿا جيڪا پاڪستاني معيشت لاءِ بهتر هجي.
ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان سان ٽيڪنيڪل معاملن تي ڳالهيون جاري رهندايون، ان سان گڏ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا به برقرار رهندا.
هن چيو ته اهي سڀ ڳالهيون پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻطرفن لاڳاپن جي ترجيحن ۾ شامل آهن.- Advertisement -
