تازه ترين

غزه جي رهائشي علائقن تي اسرائيلي فوج جي جارحاڻي حملن ۾ وڌيڪ 165 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه جي رهائشي علائقن تي اسرائيلي فوج جي جارحاڻي حملن ۾ وڌيڪ 165 فلسطيني شهيد ٿي ويا، شهيدن جو مجموعي انگ 21 هزار 600 کان وڌي ويو ۽ 56 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن. غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ حماس جي تحويل ۾ موجود وڌيڪ هڪ يرغمالي اسرائيلي فوجي مارجي ويو. امريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته ڊسمبر جي وچ تائين اسرائيل غزه جي رهائشي علائقن تي 29 هزار بم ڪيرايا، غزه جي تباهي جديد رڪارڊ ۾ بدترين تباهي بڻجي رهي آهي. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري هڪ ڀيرو ٻيهر غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن غزه ۾ اسرائيلي حملن جي رد عمل ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊ جون جوابي ڪارروايون به جاري آهي،، حماس جي مزاحمت ڪارن جي ڪارروائين ۾ دوران 20 اسرائيلي فوجي مارجي ويا جڏهن ته ڪيتريون ئي اسرائيلي ٽينڪس تباهه ڪيون ويون. اسرائيل حماس هٿان يهودي فوج جي ميجر ۽ ڪيپٽن سميت ٻن فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي جنهن بعد غزه جي زميني جنگ ۾ مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ 170 ٿي ويو. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چين اسرائيل سان فلسطينين کي اجتماعي سزا ڏيڻ وارا حملا بند ڪرڻ ۽ غزه ۾ امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
62 %
1.1kmh
27 %
سُومر
30 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون