- Advertisement -
ماتلي ڀرسان ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ٽنڊو غلام علي روڊ تي حاجي سانوڻ بس اسٽاپ ڀرسان مهراڻ ڪار ۽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي ۾ 50 ورهين جو محمد علي سولنگي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته حمد سولنگي، اصغر علي سولنگي ۽ پپو عمراڻي زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻڌايوپيو وڃي ته فوتي ۽ زخمين جو جو تعلق جهرڪ سان آهي، تعلقه اسپتال ۾ طبي امداد ڏين کانپوءِ زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ لاءِ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻئي پاسي پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي…….- Advertisement -
