غزه ۾ اسرائيلي بربريت ۽ وحشاڻن حملن کي هڪ مهينو مڪمل، وڌيڪ 280 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي بربريت ۽ وحشاڻن حملن کي اڄ هڪ مهينو مڪمل ٿي ويو،  وڌيڪ 280 فلسطيني شهيد ٿيڻ بعد شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار 770 تائين پهچي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج وڌيڪ هوائي حملا تيز ڪندي هڪ ئي رات ۾ غزا تي اڍائي هزار حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 280 فلسطيني شهيد ٿي ويا. شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار 770 ٿي ويو ۽ 26 هزار زخمي ٿي پيا،  شهيدن ۾ 4 هزار 800 ٻارڙا به  شامل آهن. يهودي فوج هوائي  ۽ زميني حملا ڪري اتر غزا  کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. يهودي فوج اسپتالن جي ڀرپاسي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بمباري ڪئي، اسرائيلي فوج پناهگاهن کي به بخش نه ڪيو ۽ ٽن پناهگير ڪئمپن تي به بم وسايا. اسرائيلي وحشياڻي حملن کي هڪ مهينو مڪمل ٿي ويو. هوڏانهن اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته غزا ۾ زميني ڪارروائي شروع ٿيڻ بعد هن وقت تائين اڍائي هزار کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو آهي، عزا پٽي ۾ سڌي ريت ويڙهه جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
44%
3.4m/s
27%
اڱارو
24 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون