تازه ترين

غزه ۾ اسرائيلي حڪومت غيرقانوني ۽ غير انساني قدم کڻي رهي آهي : منير اڪرم

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير منير اڪرم چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي حڪومت غيرقانوني ۽ غير انساني قدم کڻي رهي آهي، غزه ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي گڏيل قومن ۾ ڪيترائي ٺهراءَ آيا آهن، سلامتي ڪائونسل جي هر فيصلي تي ميمبر ملڪ عمل ڪرڻ جا پابند آهن، گڏيل قومن ۾ ڳالهين ذريعي غزه جنگ بندي جون ڪوششون جاري آهن، فلسطين جي ميمبر شپ بابت گڏيل قومن جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جو چيو ويندو.

گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير منير اڪرم چيو ته هنن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون، غزه ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي گڏيل قومن ۾ ڪيترائي ٺهراءَ آيا آهن.

سندس چوڻ هو ته سلامتي ڪائونسل جي هر فيصلي تي ميمبر ملڪ عمل ڪرڻ جا پابند آهن، سلامتي ڪائونسل جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ مستقل ميمبر متفق ناهن.

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير منير اڪرم چيو ته گڏيل قومن ۾ ڳالهين ذريعي غزه جنگ بندي جون ڪوششون جاري آهن، فلسطين جي ميمبر شپ بابت گڏيل قومن جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جو چيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
50 %
0.9kmh
65 %
آچر
25 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون