تازه ترين

غزه ۾ اسرائيلي حڪومت غيرقانوني ۽ غير انساني قدم کڻي رهي آهي : منير اڪرم

- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير منير اڪرم چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي حڪومت غيرقانوني ۽ غير انساني قدم کڻي رهي آهي، غزه ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي گڏيل قومن ۾ ڪيترائي ٺهراءَ آيا آهن، سلامتي ڪائونسل جي هر فيصلي تي ميمبر ملڪ عمل ڪرڻ جا پابند آهن، گڏيل قومن ۾ ڳالهين ذريعي غزه جنگ بندي جون ڪوششون جاري آهن، فلسطين جي ميمبر شپ بابت گڏيل قومن جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جو چيو ويندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير منير اڪرم چيو ته هنن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون، غزه ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي گڏيل قومن ۾ ڪيترائي ٺهراءَ آيا آهن. سندس چوڻ هو ته سلامتي ڪائونسل جي هر فيصلي تي ميمبر ملڪ عمل ڪرڻ جا پابند آهن، سلامتي ڪائونسل جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ مستقل ميمبر متفق ناهن. گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير منير اڪرم چيو ته گڏيل قومن ۾ ڳالهين ذريعي غزه جنگ بندي جون ڪوششون جاري آهن، فلسطين جي ميمبر شپ بابت گڏيل قومن جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جو چيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
56 %
6.3kmh
31 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون