تازه ترين

غزه ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، تازي ڪاررواين ۾ وڌيڪ 36 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، تازي ڪاررواين ۾ وڌيڪ 36 فلسطيني شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه تي مڪمل قبضي جي اسرائيلي ڪابينا جي فيصلي کانپوءِ جمعي ڏينهن به غزه ۾ فلسطينين جو قتل عام جاري رهيو. اسرائيل جي تازي بمباري ۾ امداد جي منتظر 21 ڄڻن سميت 36 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزه جي صحت واري وزارت موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ بک سبب وڌيڪ چار وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن جنهن کانپوءِ غذائي کوٽ سبب فوتگين جو انگ 201 ٿي ويو آهي، جن ۾ 98 ٻار به شامل آهن. واضع رهي ته اسرائيل غزه ۾ پرڏيهي امدادي ادارن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ کاڌي جي ورڇ صرف اسرائيلي ۽ آمريڪي انتظاميه تحت ڪئي پئي وڃي. غزه ۾ کاڌي جي ورڇ دوران اسرائيلي فوج خوراڪ لاءِ بيٺل فلسطينين تي فائرنگ جا واقعا پڻ سامهون آيا، جن جون وڊيوز سامهون اچي چڪيون آهن. 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي اسرائيلي جنگ ۾ 61 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي غزه جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. عرب ميڊيا موجب، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ڇنڇر تي ٿيندو، يو اين سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ جي درخواست 15 مان 14 ميمبر ملڪن ڪئي آهي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24 ° C
24 °
24 °
25 %
2kmh
30 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون