- Advertisement -
پاڪستان پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏيئي ٽن ميچز جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي تان سرسي حاصل ڪري ورتي.
ٽرينڊاڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ميزبان ويسٽ انڊيز خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
ويسٽ انڊيز جي 49 اوورن ۾ 280 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اين لوئس 60 رنسن سان نمايان رهيو.
پاڪستان ويسٽ انڊيز جو 281 رنسن جو هدف 49 هين اوورن ۾ 5 وڪيٽون تي سولائي سان حاصل ڪري ورتو، گرين شرٽس طرفان حسن نواز 63 ۽ حسين طلعت 41 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو.
پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 16 رنسن تي ڪري جڏهن صائم ايوب 5 رنسون ٺاهي جيڊل سيلز جو شڪار بڻيو، ٻي وڪيٽ 63 رنسن تي ڪري، عبدالله شفيق 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو بابر اعظم 47 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
سلمان علي آغا 23، محمد رضوان 53 ٺاهيون، حسن نواز ۽ طلعت حسين شاندار بيٽنگ ڪندي ٽيم کي فتح ڏياري، حسن نواز 63 رنسن سان ناقابل شڪست ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته حسين طلعت 41 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ جي شروعات جارحاڻي رهي، اوپنر ايون لوئيس 62 بالن تي 60 رنسن جي اننگز کيڏي جنهن ۾ 6 چوڪا شامل هئا، ڪپتان شائي هوپ 55 رنسون ٺاهيون، روسٽن چيز 53 رنسون ٺاهي سگھيو.
پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 4 اهم رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته نسيم شاهه 3 وڪيٽون ورتيون، شاداب خان ۽ حارث رئوف جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي.- Advertisement -
