غزه ۾ اسرائيل جا جنگي ڏوهه جاري آهن، تازن حملن ۾ 6 ڀائرن سميت 37 وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آچر تي غزه جي دير البلح علائقي ۾ بکايل فلسطينين کي کاڌو فراهم ڪرڻ ۾ مصروف 6 ڀائر اسرائيلي حملن ۾ سهيد ٿي ويا، جن جون عمرون 10 کان 34 ورهين جي وچ ۾ هيون.
شهيد پٽن جي پيءُ ذڪي ابو مهدي جو چوڻ آهي ته سندس پٽ جنگ جي شروعات کان ئي ضرورتمندن جي مدد ڪري رهيا هئا ۽ انهن وٽ ڪو به هٿيار نه هو.
صحت جي عالمي تنظيم جو چوڻ آهي ته هڪ فلسطيني ٻار طبي امداد جي فراهمي ۾ رنڊڪن جي ڪري پنهنجي جان وڃائي ويٺو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آچر تي غزه پٽي جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي بمباري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
غزه جي صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي جنگ ۾ هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار 944 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.