تازه ترين

غزه ۾ اسرائيل جي دهشتگردي جاري ، 24 ڪلاڪن دوران 200 فلسطيني شهيد ۽ 370 زخمي

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيل جي دهشتگردي جاري آهي، يهودي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 200 فلسطينين کي  شهيد ۽ 370 کي زخمي ڪري ڇڏيو،  ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن غزه صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي جلد جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. عرب ميڊيا جو چو آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيدن جو انگ 25 هزار 900 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته  64 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه ۾ خوراڪ لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهن تي اسرائيلي فورسز وحشياڻي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 فلسطيني شهيد ۽ 150 زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج خان يونس ۾ الامل اسپتال جو محاصرو ڪري ورتو آهي ۽ اسپتال جي اندر ۽ ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي صحت واري عالمي اداري جي سربراهه غزه جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڌونم چيو آهي ته غزه ۾ ڪابه جاءِ حملن کان محفوظ ناهي رهي، جنگ بندي نه ٿي ته حالتون ڪنٽرول مان نڪري وينديون. هن خدشو ظاهر ڪيو ته اتر غزه ۾ 8 لک شهري بک وگھي مري سگھن ٿا……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
32.2 ° C
32.2 °
32.2 °
29 %
5.7kmh
15 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون