اليڪشن بعد بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهيءَ ۾ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن کي وڏي پيماني تي شروع ڪندا : مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اليڪشن بعد بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهيءَ ۾ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن کي وڏي پيماني تي شروع ڪندا، ڪراچي جي ڪنهن به ضلعي جي عوام کي پيپلز پارٽي مايوس نه ڪندي، تبديلي جي دعويدارن عوام کي رڳو خواب ڏيکاريا هئا، ايندڙ ساڍن ٽن سالن ۾ ڪراچي ۾ نمايان تبديلي آڻي ڏيکاريندا، تڪليف ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو نفرت ۽ تعصب پکيڙيندا آهن. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب نئين تعمير ٿيل فاطمه جناح پارڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پارڪ جي افتتاح جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي پوش علائقن سان گڏگڏ ٻهراڙي وارن علائقن کي به ترقي ڏيڻ چاهن ٿا. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ بنا فرق جي ترقياتي ڪم جاري رکندا، ايندڙ ساڍن ٽن سالن ۾ ڪراچي ۾ نمايان تبديلي آڻي ڏيکاريندا، پارڪ ۾ ٻارن لاءِ به تفريحي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي ڪنهن به ضلعي جي عوام کي پيپلز پارٽي مايوس نه ڪندي، اليڪشن بعد بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهيءَ ۾ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن کي وڏي پيماني تي شروع ڪندا. هن چيو ته نارٿ ناظم آباد مان هن تڪ تان ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٻيا چونڊيا هئا، هو سوال پڇا ڪرڻ چاهي ٿو ته اوهان ماڻهن ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟، ڇا ميئر اچي گهٽين ۽ پاڙن کي ٺيڪ ڪندو. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته تبديلي جي دعويدارن عوام کي رڳو خواب ڏيکاريا هئا، تڪليف ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو نفرت ۽ تعصب پکيڙيندا آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
47%
1.7m/s
0%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون