عالمي ڪوششون به اسرائيلي جارحيت کي روڪي نه سگهيون، غزه ۾ اسرائيل فوج هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ 433 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
غزه تي اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ ساڍا ٽي هزار کان وڌي ويو جڏهن ته اسرائيلي بربريت ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت هڪ وقت تائين 13 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.
غزه جي جباليه پناهگير ڪيمپ تي ٻن گهرن تي اسرائيلي هوائي فوج طرفان بمباري ڪئي وئي، هڪ واقعي ۾ 27 ۽ ٻئي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 13 ڄڻا شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا،
اسرائيلي فوج طرفان 12 ڄڻن کي غزه بندرگاهه ڀرسان نشانو بڻايو ويو جڏهن ته نوصائرت واري علائقي ۾ مسجد تي بمباري سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
دير البلاح ۾ گھر تي بمباري سبب وڌيڪ 10 ڄڻا شهيد ۽ 22 ڄڻا زخمي ٿيا جڏهن ته 18 ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا.
اسرائيلي فوج غزه جي الهندي علائقي ۾ موجود هلال احمد جي هيڊڪوارٽر ۽ القدس اسپتال جي ڀرواري علائقي تي به ٽيهه منٽن تائين رهائشي عمارتن ۽ روڊن تي بمباري ڪئي.
بمن جا ٽڪرا هلال احمر جي هيڊڪوارٽر ۾ به ڪـِريا جتي عملي کان کانسواءِ 8 هزار ماڻهن پناهه ورتي آهي.
الشفا اسپتال ڀرسان به علائقي کي بمباري جو نشانو بڻايو جنهن ۾ وڏي پيماني تي شهادتن جا اطلاع آهن.
گڏيل قومن تحت خان يونس ۾ هلندڙ اسڪول تي به بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيا جڏهن ته ان جي ڀرسان واري گهر کي به تباهه ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
البڪري هائوس تي حملي ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته الزيتون علائقي ۾ گھرن تي 20 بم وسايا ويا جنهن سبب سمورا گهر ملبي جو ڍير بڻجي ويا ان واقعي ۾ ڪوبه وڏو جاني نقصان نه ٿيو.
فلسطيني ميڊيا موجب، غزه ۾ هن وقت تائين 64 فلسطينين کي اولهه ڪناري ۾ به شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ 55 عورتون ۽ ٻار شامل آهن.
غزه ۾ اسرائيلي بمباري سبب 4 هزار 500 رهائشي عمارتون ۽ 12 هزار گهر تباهه ڪيا ويا آهن