غزه ۾ صيهوني فورسز طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 33 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه ۾ اسرائيل فوج غزه ۾ گڏيل قومن جي اسڪول ۾ پناهگير ڪيمپ تي حملو ڪيو جنهن ۾ 12 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران غزه تي حملن ۾ وڌيڪ 33 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب، آڪٽوبر 2024 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ 44 هزار 249 فسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ لک 4 هزار 746 زخمي ٿي چڪا آهن.