ٽرمپ جي نامزد ڪابينا ميمبرن کي بم حملن ۽ تشدد جون ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ايف بي آءِ موجب، نامزد ڪابينا ميمبرن جي رهائشگاهه جي ٻاهران پائپ بم مليو جنهن تي اسرائيل خلاف ۽ فلسطين جي حمايت ۾ پيغام هو.
ڌمڪين سبب ڪابينا ميمبرن ۽ سندن خاندانن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن جڏهن ته ايف بي آءِ ٽرمپ جي ڪابينا کي ڌمڪين جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.