سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبائي ڪابينا ۾ تبديليءَ جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليءَ جو ڪو به امڪان ناهي، لوڊشيڊنگ معاملي تي سنڌ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، ماڻهو تڪليف ۾ آهن، ٿر مان 3 هزار ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري لوڊشيڊنگ خلاف آواز اٿاريو آهي، گرمي دوران عوام کي رليف ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي، هندو واپاري نريش ڪمار جي بازيابي پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ سمارٽ سسٽم لڳايو ويندو.
سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سيوهڻ پهچي ويو.
وڏي وزير سيوهڻ پهچي آراضي ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تعزيت ڪئي.
اڳوڻو ايم اين اي سردار سڪندر علي راهپوٽو، اڳوڻو ايم پي اي سيد آصف علي شاهه، امان الله شاهاڻي، سيد شهزاد حيدر شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليءَ جو ڪو به امڪان ناهي.
سندس چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ معاملي تي سنڌ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، ماڻهو تڪليف ۾ آهن، ٿر مان 3 هزار ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لوڊشيڊنگ خلاف آواز اٿاريو آهي، گرمي دوران عوام کي رليف ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي، هندو واپاري نريش ڪمار جي بازيابي پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ سمارٽ سسٽم لڳايو ويندو.
دادو ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، پ پ ضلعي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 2022ع جي ٻوڏ دادو ضلعي ۾ وڏي تباهي آندي، ايم اين وي ڊرين جا ڪپ زبون آهن، وفاق کي چيو آهي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به آگاهه ڪيو آهي..
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت بندن جي ڪمن جي نگراني ڪري رهي آهي، ايم اين وي ڊرين تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، بند مضبوط ڪرڻ سندن ذميواري آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب وڏي تباهي آئي 21 لک گهر ٺاهڻ لاءِ 630 ارب جي رقم گهرجي، سنڌ سرڪار هن وقت تائين 3 لک گهر ٺاهي چڪي آهي، 8 لک ٻوڏ متاثرن جا اڪائونٽ بينڪن ۾ کلي چڪا آهن.