تازه ترين

عدم استحڪام پيدا ڪندڙ ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان کي بدنام ڪندڙن کي جمهوريت ۾ ڪا به دلچسپي ناهي؛ نوازشريف

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته عدم استحڪام پيدا ڪندڙ ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان کي بدنام ڪندڙن کي جمهوريت ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. سينيٽ ۾ ن ليگ جي پارلياماني ليڊر عرفان صديقي نوازشريف سان ملاقات ڪئي،  جنهن دوران عرفان صديقي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته ست سال اڳ جن مسئلن تي ضابطو آڻيو هو، اهي وري سنگين بحران بڻجي چڪا آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ هٿياربند فوج ۽ سڪيورٽي ادارن جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ پرڏيهه ۾ پاڪستان کي بدنام ڪندڙن کي جمهوريت توڙي عوام ۾ ڪا به دلچسپي  ناهي، هي ماڻهن ڪنهن به محاذ تي ملڪ جي ڪمزوري يا ناڪامي کي پنهنجي سياسي ڪاميابي سمجهن ٿا. نوازشريف چيو ته ست سان اڳ  مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جهڙن مسئلن تي ضابطو آندو هو، آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هو، پر 2018ع ۾ ملڪي تباهي، بربادي ۽ هر شعبي ۾ زوال جو سلسلو شروع ٿيو. ن ليگ جي صدر چيو ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ هٿياربند فوج ۽ سڪيورٽي ادارن جي حمايت ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته امن امان جو گهرو تعلق سيڙپڪاري ۽ ترقي ۽ خوشحالي سان آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
16 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
35.7 ° C
35.7 °
35.7 °
5 %
7.7kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون