غوثپور ويجهو چار ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن کين فون ڪري 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، سنڌ ٽي وي نيوز ڌاڙيلن جي ڀنگ گهرڻ واري آڊيو رڪارڊنگ هٿ ڪري ورتي آهي.
ڳوٺ غلام قادر شيخ واسي نوجوان شاهد شيخ جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي.
وارثن جو چوڻ آيه ته ڌاڙيلن فون ڪري شاهد جي بازيابي لاءِ 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته ڏوهارين ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي کي قتل ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويوندو.