غوثپور ۾ انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن ڦر مزاحمت تي نادرا جي آفيسر کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
چمني شاخ وٽ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن نوجوان گلشير سومرو کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري مزاحمت تي کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي نادرا ملازم کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.
زخمي جو چوڻ آهي ته ٻن جوابدارن کيس هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.