غوثپور ۾ نديم ملڪ ۽ شاهد شيخ جي بازيابيءَ لاءِ وارثن سميت مختلف ڌرين طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.
مغوين جي وارثن، جي يو آءِ، ملڪ اتحاد ۽ ٻين طرفان مولانا سهيل احمد شاهه، غلام رسول ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنهن به قسم جون ڪوششون نه ڪري رهي آهي.
هنن چيو ته ڌاڙيلن جي ڪاررواين لاءِ سبب ماڻهو غير محفوظ ٿي ويا آهن پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.


