غوثپور مان 6ڏينهن اڳ اغوا ٿيل خانگي اسڪول جي پٽيوالي نديم ملڪ تي ڌاڙيلن تشدد واري وڊيول وائرل ڪري وارثن کان 12لک رپيا ڀنگ گهري ورتو .
ڇھه ڏينهن اڳ مسجد پاڙي مان اغوا ٿيل نديم ملڪ جي ڌاڙيلن زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ مٿس تشدد ڪرڻ واري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي .
وڊيو ۾ مغوي نديم ملڪ وارثن کي هٿ ٻڌي اپيل رهيو آهي ته ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪيو پر کيس ڏوهارين وٽان بازياب ڪرايو.
مغوي چئي رهيو آهي ته ڏوهارين مٿس ڀنگ خاطر روزانو وحشياڻو تشدد ڪن ٿا.
مغوي جي وارثن حد جي ايس ايڇ او اختيار احمد ناريجو ۽ ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو کان مطالبو ڪيو آهي ته مغوي کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
واضح رهي ته ڏوهارين پاران مغوي نديم ملڪ جي وارثن کي فون ذريعي 12 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو. مغوي جي وارثن پاران سڀاڻي مين انڊس هاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي .