تازه ترين

غيرقانوني ڪاررواين سبب معيشت کي نقصان پهچي رهيو آهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته غيرقانوني ڪاررواين سبب معيشت کي نقصان پهچي رهيو آهي، معيشت کي نقصان پهچائيندڙ قدمن خلاف ايڪشن جاري رهندو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪراچيءَ جو دورو ڪيو. دوري دروان آرمي چيف صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران آرمي چيف کي نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان ۽ سنڌ جي ڪچي ۾ آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران ڪراچي ٽراسفارميشن پلان، سنڌ ۾ ايس آءِ ايف سي قدمن تي اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف کي غير قانوني پرڏيهين جي  واپسي ۽ ريگيولرائز ڪرڻ وارن قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته غيرقانوني ڪاررواين سبب معيشت کي نقصان پهچي رهيو آهي، معيشت کي نقصان پهچائيندڙ قدمن خلاف ايڪشن جاري رهندو. ايپڪس ڪميٽيءَ عزم ورجايو ته سرڪاري ادرا ۽ عوام صوبي جي ترقيءَ لاءِ پرعزم آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڪراچي آمد تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي آرمي چيف جنرل عاصم منير جي آجيان ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
24 %
1.3kmh
69 %
آچر
26 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون