نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته غير قانوني افغان پناهگيرن کي واپسيءَ وقت 50 هزار رپيه کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي، ڪنهن کي سمگلنگ يا ڊالر کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، غير قانوني پناهگيرن جي مدد ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيندي، طئه ڪيو آهي ته ڪنهن به غير قانوني پرڏيهي کي بخش نه ڪيو ويندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جي نيڪاليءَ لاءِ عارضي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن، صوبائي حڪومتون پرڏيهي ماڻهن جي نيڪالي جا خرچ برداشت ڪري رهيون آهن، سينٽرن ۾ ميڊيڪل ۽ کاڌو پيتو فراهم ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته هولڊنگ سينٽرز ٺاهيا آهن، غيرقانوني رهندڙن کي اتان واپس موڪليو ويندو، ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي تمام گهڻي احترام سان رکيو ويندو، پهرين نومبر کانپوءِ غير قانوني رهندڙن جي معاملي تي ڪو به ٺاهه نه ڪندا.
نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته جيترا به غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا ويا ان تي نادرا ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، جن غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊي اين اي ڪرائڻي پئي يا ڪجهه به ڪرڻو پيو ته هو ڪندا.
هن چيو ته هي تمام وڏو چئلينجنگ ٽاسڪ آهي، سمورن صوبن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ۽ هو پنهنجي پنهنجي حدن ۾ سينٽر قائم ڪندا، جيڪو به هتي قانوني طريقي سان اچڻ چاهي ٿو، کيس ڀليڪار ڪندا، جن وٽ به سفري دستاويز ناهن انهن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن.
سرفراز بگٽي چيو ته جنهن کي پاڪستان اچڻو آهي اهو ويزا وٺي پوءِ اچي، هو احسان ۽ مهمانن کي نه وساريندا آهن، احسان ڪندڙن کي ياد ڪندا آهن، وڏي انگ ۾ ماڻهو هتي آيا آهن، دنيا ۾ ڪٿي به ائين نه ٿيو آهي ته ڪو سفر تي اچي ٿو ۽ خبر ناهي ڪيڏانهن وڃي ٿو، سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي ٿريٽ موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته غير قانوني رهواسين جا ٻه قسم آهن، هڪ اهي آهن جن وٽ ڪو به دستاويز ناهي، ٻيو اهي آهن جن وٽ نادرا کان سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ڏني وئي، پهرين مرحلي ۾ غيرقانوني رهندڙن کي ڪڍيو ويندو.
نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته غير قانوني افغان پناهگيرن کي واپسيءَ وقت 50 هزار رپيه کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي، ڪنهن کي سمگلنگ يا ڊالر کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.