تازه ترين

فردين خان ۽ نتاشا ماڌوني پاران 18سالن کانپوءِ رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو

باليووڊ اداڪار فردين خان ۽ سندس زال نتاشا ماڌوني شادي جي 18سالن کانپوءِ هڪ ٻئي کان رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب فردين خان ۽ سندس زال نتاشا ماڌوني شادي جي 18سالن کانپوءِ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو هڪ ٻئي جي راضپي سان ڪيو، ٻئي هڪ سال کان هڪٻئي کان ڌار رهندا هئا.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نتاشا هن وقت ٻارڙن سان گڏ لنڊن ۾ ترسيل آهي، جڏهن ته فردين خان ممبئي ۾ پنهنجي والدا سان گڏ آهي، ٻنهي هڪ ٻئي کي طلاق جي حوالي سان ڪا تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب فردين ۽ سندس زال جي لاڳاپن ۾ مسئلن جي ڪري ڌار رهڻ شروع ڪيو هو پر هو مسئلن جي حل ۾ ناڪامي سبب هاڻي ٻنهي ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

واضح رهي ته فردين خان نتاشا 2005 ۾ شادي ڪئي هئي، 2013 ۾ پٽ ۽ 2017ع ۾ ڌيءُ جو اولاد ٿيو هو.

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان فردين خان شوبز کان به ڌار آهي ۽ هاڻي 11 سالن بعد هڪ ٿرلر فرم “وس فوٽ” ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندو، فلم ۾ رتيش ديش مک به موجود آهي.

فردين خان آخري ڀيرو 2011 ۾ فلم ”دلهار “ ۾ نظر آيو هو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
28 %
2.5kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
20 °
آچر
18 °
سُومر
18 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون