تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

فردين خان ۽ نتاشا ماڌوني پاران 18سالن کانپوءِ رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -

باليووڊ اداڪار فردين خان ۽ سندس زال نتاشا ماڌوني شادي جي 18سالن کانپوءِ هڪ ٻئي کان رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب فردين خان ۽ سندس زال نتاشا ماڌوني شادي جي 18سالن کانپوءِ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو هڪ ٻئي جي راضپي سان ڪيو، ٻئي هڪ سال کان هڪٻئي کان ڌار رهندا هئا. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نتاشا هن وقت ٻارڙن سان گڏ لنڊن ۾ ترسيل آهي، جڏهن ته فردين خان ممبئي ۾ پنهنجي والدا سان گڏ آهي، ٻنهي هڪ ٻئي کي طلاق جي حوالي سان ڪا تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب فردين ۽ سندس زال جي لاڳاپن ۾ مسئلن جي ڪري ڌار رهڻ شروع ڪيو هو پر هو مسئلن جي حل ۾ ناڪامي سبب هاڻي ٻنهي ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته فردين خان نتاشا 2005 ۾ شادي ڪئي هئي، 2013 ۾ پٽ ۽ 2017ع ۾ ڌيءُ جو اولاد ٿيو هو. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان فردين خان شوبز کان به ڌار آهي ۽ هاڻي 11 سالن بعد هڪ ٿرلر فرم “وس فوٽ” ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندو، فلم ۾ رتيش ديش مک به موجود آهي. فردين خان آخري ڀيرو 2011 ۾ فلم ”دلهار “ ۾ نظر آيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
31 %
1.4kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون