تازه ترين

فريدآباد: ناري جي مبينا اغوا معاملو، تيوڻا ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،عورتن ۽ ٻارڙن سميت 17ڄڻا زخمي .

ڳو

فريدآباد ويجهو ناري جي مبينا اغوا جي معاملي تان تيوڻا ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران عورتن ۽ ٻارڙن سميت 17ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ الھڏني تيوڻي ۾ تيوڻا ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ناري ثمينا تيوڻو جي اغوا واري مامري تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن

تيوڻا ڌر جي زخمين ۾ طاھره، عظميه، آمنا عمر، فاروق، غلام نبي، عبدالخالق جاني، امام علي، نياز اڪرم، نياز، ٻارڙو،حليم ۽ امداد شامل آهن، جڏهن ته خاصخيلي ڌر جي زخمين ۾  ڄام خان، عبدالوھاب، رياض، صدام، عبدالمالڪ، اعجاز خاصخيلي، ولي محمد ۽ ٻيا شامل آهن.

تيوڻا ڌر جي ماڻهن زخمين سميت ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي .

احتجاج ڪندڙ عاشق تيوڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس خاصخيلي ڌر جي ونگار وهي رهي آهي، ٻئي پاسي خاصخيلي ڌر جي حافظ عبدالوھاب چيو ته تيوڻا ڌر جي ناري کي سندن ماڻهن اغوا ئي نه ڪيو آهي، ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون