فريدآباد ۾ ڳوٺاڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڌمڪيون ڏيندڙ شخص خلاف احتجاج ڪيو.
ڳوٺ اعتبار چانڊيو واسي نثار چانڊئي رشيدھ خاتون سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته سندن مخالف سڪندر، نماڻو ۽ ٻيا سڱ نه ڏيڻ عيوض جان جا ويري بڻجي ويا آهن.
هنن چيو ته سندن ڇوڪري ننڍي آهي پوءِ به ڏاڍ جي بنياد تي زوري وٺڻ چاھن ٿا، هو ٻن سالن جي مھلت وٺڻ چاھين ٿا پر اهي صبر ڪرڻ لاءِ تيار ناھن.
سندن چوڻ هو ته هاڻي مائٽي ڪندڙ موتمار ڌمڪيون پيا ڏين، حياتي کي خطرو آهي ڪجھ بهه ٿيو ته ذميوار ڄاڻايل ماڻهو آهي.
احتجاج ڪندڙ چيو ته اين سي شاھ گودڙيو ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي
