تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ثاقب نثار ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين ارڙهين ترميم تي ڌاڙو هڻي سنڌ جي اسپتالن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته ثاقب نثار ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين ارڙهين ترميم تي ڌاڙو هڻي سنڌ جي اسپتالن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي اسپتالون کين واپس ملي ويون آهن، اسپتالون سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ تي هو وزيراعظم شهبازشريف جا ٿورائتا آهن، هو صوبي ۾ صحت جي شعبي اندر انقلاب آڻيندا، تنقيد ڪندڙن کي اهڙا ادارا ٺاهي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ز رداريءَ، سکر ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف  چائلڊ هيلٿ تحت 200 بسترن تي ٻڌل چلڊرن اسپتال جو افتتاح ڪيو.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ثاقب نثار ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين ارڙهين ترميم تي ڌاڙو هڻي سنڌ جي اسپتالن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي اسپتالون کين واپس ملي ويون آهن.

هن چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ علاج جون مفت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، کين عام ماڻهو جي خدمت ڪرڻي آهي، اهو ئي فلسفو وفاقي حڪومت جو هجڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسپتال قائم ٿيڻ سان عوام کي سهولتون ملنديون، ڊاڪٽر اديب رضوي جو مشن هو سڄي پاڪستان تائين پکيڙڻ چاهن ٿا.

پ پ چيئرمين چيو ته سکر جي چلڊرن اسپتال شاندار آهي، ان لاءِ ڏکڻ ڪوريا کان سافٽ لون ورتو آهي، بلوچتان جا ٻار به هتان مفت علاج ڪرائي سگهندا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سانگهڙ ۾ اين آءِ سي وي ٽي ٺاهي ويندي، هو صوبي ۾ صحت جي شعبي اندر انقلاب آڻيندا، تنقيد ڪندڙن کي اهڙا ادارا ٺاهي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

پ پ چيئرمين چيو ته پرڏيهه وڃي هو ماڻهن کي اين آءِ سي وي ڊي بابت ٻڌائيندو آهي، عوام موقعو ڏي ته علاج جون سهولتون سڄي ملڪ تائين پکيڙيندا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيالا ڪڏهن به اليڪشن کان ڪڏهن به ناهن ڊڄندا، پ پ جا ڪارڪن هر وقت اليڪشن لاءِ تيار هوندا آهن.

پ پ چيئرمين چيو ته

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17 ° C
17 °
17 °
51 %
3.4kmh
73 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون