- Advertisement -
فزڪس جو نوبل انعام آرٽيفيشل انٽيلجنس جي بانين کي ڏنو ويو آهي.
سال 2024ع لاءِ فزڪس جي شعبي ۾ نوبل انعام جو اعلان ڪيو ويو.
رائل سوئيڊش اڪيڊمي جي اعلان موجب هلندڙ سال فزڪس جو نوبل انعام آرٽيفيشل انٽيليجنس جو بنياد فراهم ڪندڙ آمريڪي سائنسدان جان هوپ فيلڊ ۽ برطانوي ڪينيڊين ڪمپيوٽر سائنسدان جيفري هنٽن کي ڏنو ويو آهي.
ٻنهي محققن اهڙي مشين لرننگ ٽيڪنيڪ تي ڪم ڪيو، جيڪا بعد ۾ چيٽ جي پي ٽي جهڙي پاور پراڊڪٽ جي صورت اختيار ڪري وئي.
مشين لرننگ بابت پنهنجي مهارت کانسواءِ يونيورسٽي آف ٽورنٽو سان تعلق رکندڙ ڪمپيوٽر سائنس جي ايمريٽس پروفيسر جيفري هنٽن کي انهن ٽيڪنالاجيز طلاف موقف رکڻ بابت سڃاتو ويندو آهي.
جيفري هنٽن گذريل سال گوگل ۾ هڪ ڏهاڪي تائين خدمتون ڏيڻ بعد رڳو ان لاءِ استعيفيٰ ڏني ته هو انسانيت جي وجود کي ان ٽيڪنالاجي سبب خطرن بابت آزاد نموني خبردار ڪري سگهي.
سوئيڊن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر جيفري چيو ته کيس اندازو نه هو ته ائين ٿيندو، هو حيران آهي.- Advertisement -
