- Advertisement -
زوب ۽ ميرعلي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ حوالدار شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگردن صبح سوير ايف سي جي چوڪي کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ آپگهاتي بمبار سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز انتهائي گهربل دهشتگرد عمر عرف عماري کي به دوزخ ڀيڙو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي قافلي تي حملي سميت مختلف ڪاررواين ۾ ملوث هو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ حوالدار جمشيد خان شهيد ٿي ويو، 39 ورهين جي جمشيد خان جو تعلق ڊيرا بگٽي سان هو.
هوڏانهن اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان بارود ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
