فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه چيو آهي ته فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي هو پاڪستانين جا ٿورا ٿو مڃي، سمورن پاڪستانين کي سلام آهي.
حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه اسلام آباد ۾ ٽي ايل پي جي طوفان الاقصيٰ مارچ کي وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي چوڻ هو ته پاڪستانين جو فلسطينين ۽ پهرين ڪعبي سان نظرياتي تعلق آهي.
سندس چوڻ هو ته عالمي تڪرار ۾ پاڪستان جي موقف کي اهميت حاصل آهي، آپريشن ۾ هزارين شهادتون پيش ڪري عالم اسلام جي جنگ وڙهي آهي.
هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو اسلام جا فرزند آهي، برصغير جي مسلمانن انگريز جو مقابلو ڪيو ۽ آزادي حاصل ڪئي، افغانستان به جهاد ڪري عالمي چنبي مان آزادي ماڻي، فلسطيني ۽ ڪشميري اڄ به آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن.
اسماعيل هنيه وڌيڪ چيو ته اسرائيل جو گريٽر اسرائيل جو خواب مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.