فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي  هو پاڪستانين جا ٿورا ٿو مڃي، سمورن پاڪستانين کي سلام آهي : اسماعيل هنيه

- Advertisement -
فلسطيني  مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه چيو آهي ته فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي  هو پاڪستانين جا ٿورا ٿو مڃي، سمورن پاڪستانين کي سلام آهي. حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه اسلام آباد ۾ ٽي ايل پي جي طوفان الاقصيٰ مارچ کي وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي چوڻ هو ته پاڪستانين جو فلسطينين ۽ پهرين ڪعبي سان نظرياتي تعلق آهي. سندس چوڻ هو ته عالمي تڪرار ۾ پاڪستان جي موقف کي اهميت حاصل آهي، آپريشن ۾ هزارين شهادتون پيش ڪري عالم اسلام جي  جنگ وڙهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو اسلام جا فرزند آهي، برصغير جي مسلمانن انگريز جو مقابلو ڪيو ۽ آزادي حاصل ڪئي، افغانستان به جهاد ڪري عالمي چنبي مان آزادي ماڻي، فلسطيني ۽ ڪشميري اڄ به آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. اسماعيل هنيه وڌيڪ چيو ته اسرائيل جو گريٽر اسرائيل جو خواب مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
28%
4.1m/s
8%
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون