تازه ترين

فلسطينين کي پنهنجي رياست جو حق ملڻ گهرجي، فلسطين مسئلو ٻه رياستي حل ذريعي ئي ختم ٿي سگهي ٿو آهي:جوبائيڊن

- Advertisement -
آمريڪي صدر جوبائيڊن، فلسطين مسئلو ٻه رياستي حل ذريعي ڪڍڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته فلسطينين کي پنهنجي رياست جو حق ملڻ گهرجي، فلسطين مسئلو ٻه رياستي حل ذريعي ئي ختم ٿي سگهي ٿو آهي، هِن جنگ کي ختم ڪرڻ جو هي صحيح وقت آهي، لبنان ۽ اسرائيل سرحد تي جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي،  غزا ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين کي گهر واپس موڪلڻ لاءِ معاهدي کي قطعي شڪل ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، هر ملڪ کي يقيني بڻائڻو پوندو ته 7 آڪٽوبر جهڙا حملا ٻيهر نه ٿين، دنيا دهشتگردي ۽ موسمياتي تبديلي کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو، يوڪرين جو عوام جنگ ۽ بک جهڙي مسئلن کي منهن ڏئي پيو، ليڊر طور سڀني کي چئلينجن کان ڪيٻائڻ نه گهرجي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي خطاب آمريڪي صدر طور آخري خطاب ڪندي  جو بائيڊن چيو ته دنيا کي هن وقت وڏا چئلينج آڏو آهن، هو سمجهي ٿو ته ڏکيائين مان نڪرڻ جو رستو هوندو آهي. هن چيو ته صدر طور هن افغان جنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، دنيا کي 7 آڪٽوبر وارا حملا نه وسارڻ گهرجن، سڀني ملڪن کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ٻيهر اهڙا حملا نه ٿين. آمريڪي صدر چيو ته فلسطينين کي پنهنجي رياست جو حق ملڻ گهرجي، فلسطين مسئلو ٻه رياستي حل ذريعي ئي ختم ٿي سگهي ٿو آهي، هِن جنگ کي ختم ڪرڻ جو هي صحيح وقت آهي. جو بائيڊن چيوته لبنان ۽ اسرائيل سرحد تي جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي،  غزا ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين کي گهر واپس موڪلڻ لاءِ معاهدي کي قطعي شڪل ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون