تازه ترين

عالمي امن سلامتي ڪائونسل جي پنجن مستقل ميمبرن جي هٿن ۾ يرغمال آهي:ترڪ صدر

- Advertisement -
ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته عالمي امن سلامتي ڪائونسل جي پنجن مستقل ميمبرن جي هٿن ۾ يرغمال آهي، سلامتي ڪائونسل ٻڌائي ته غزا ۾ جنگبندي ڪرائڻ ناڪام ڇو آهي، غزا جي صورتحال عالمي دنيا جي منهن تي چماٽ آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان چيو ته گڏيل قومن قائم ڪرڻ جو مقصد عالمي امن برقرار رکڻ هو، پر غزا ۾ 41 هزار معصوم شهري مارجي ويا، گڏيل قومون جو ادارو اسرائيل کي روڪي نه سگهيون. هن چيو ته دنيا فلسطين رياست کي تسليم ڪري، اسرائيل جي حمايت ڪندڙ غزا ۾  فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۾ حصيدار آهن. ترڪ صدر چيو ته عالمي امن سلامتي ڪائونسل جي پنجن مستقل ميمبرن جي هٿن ۾ يرغمال آهي، عالمي امن پنجن بااثرن جي هٿ ۾ نه هجڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سلامتي ڪائونسل ٻڌائي ته غزا ۾ جنگبندي ڪرائڻ ناڪام ڇو آهي، غزا جي صورتحال عالمي دنيا جي منهن تي چماٽ آهي. رجب طيب اردگان چيو ته هٿين خالي فلسطينين سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪندڙن جو هو ٿورائتو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
43 %
1.9kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون