فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس ۽ اسرائيلي فورسز تي ٽئين ڏينهن به حملا جاري آهن حملن ۾ سينيئر فوجي ڪرنل سميت مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 700 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار 2 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم طرفان ٽئين ڏهاڙي به اسرائيل تي وقفي وقفي سان حملا جاري آهن.
اسرائيلي ميڊيا موجب، حملن ۾ 700 کان وڌيڪ شهري ۽ فوجي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
اسرائيلي اخبار موجب، جهڙپ دوران سينيئر ترين اسرائيلي فوجي ڪرنل جوناٿن اسٽينسبرگ به مارجي ويو.
حماس سينيئر اسرائيلي ڪمانڊر ميجر جنرل نمرود الوني سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ ۽ اسرائيل تي هزارين راڪيٽ فائر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
اسرائيل جي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 480 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته زخمين جو انگ 2 هزار 300 کان وڌي ويو آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن ۾78 عورتون ۽ 41 ٻار به شامل آهن جڏهن ته زخمي فسلطيني ٻارن جو انگ 121 کان وڌيڪ آهي.