فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس ۽ اسرائيلي فورسز تي ٽئين ڏينهن به حملا جاري آهن، حملن ۾ سينيئر فوجي ڪرنل سميت مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 1100 ٿي ويو آهي جڏهن ته 3 هزار زخمي ٿيا آهن، اسرائيل غزا ۾ بجلي، خوراڪ ۽ ٻارڻ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته جنگ سبب هڪ لک 23 هزار فلسطيني بي گهر ٿي ويا آهن، حماس يرغمالين کي پر وقار انداز ۾ رکڻ جو واعدو ڪيو آهيا.
فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم طرفان ٽئين ڏهاڙي به اسرائيل تي وقفي وقفي سان حملا جاري آهن.
اسرائيلي ميڊيا موجب، حملن ۾ سينيئر ترين اسرائيلي فوجي ڪرنل جوناٿن اسٽينسبرگ سميت 900 کان وڌيڪ شهري ۽ فوجي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
مارجي ويلن ۾ 50 فوجي، 9 آمريڪي ۽ 10 برطانوي شهري به شامل آهن.
حماس سينيئر اسرائيلي ڪمانڊر ميجر جنرل نمرود الوني سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ ۽ اسرائيل تي هزارين راڪيٽ فائر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
اسرائيل غزا جي مڪمل ناڪابندي ڪري بجلي، کاڌو ۽ ٻارڻ جي سپلاءَ روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اسرائيلي بچاءَ واري وزير غزا جي مڪمل ناڪابندي جو حڪم ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته غزا جي مڪمل ناڪابندي ڪري بجلي، کاڌي ۽ ٻارڻ جي سپلاءِ روڪي وڃي.
اسرائيل جي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 500 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته زخمين جو انگ 2 هزار 300 کان وڌي ويو آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن ۾78 عورتون ۽ 41 ٻار به شامل آهن جڏهن ته زخمي فسلطيني ٻارن جو انگ 121 کان وڌيڪ آهي.
ٿائلينڊ طرفان جنگ دوران 12 شهري مارجڻ ۽ 11 اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي حماس جي اڳواڻ بسم نعيم خاطري ڪرائي آهي ته اسرائيلي يرغمالين جو خيال رکيو ويندو.
هن اسرائيلي يرغمالين جي انگ جو تصديق ناهي ڪئي.
هوڏانهن گڏيل قومن اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگ بعد غزا ۾ هڪ لک 23 هزار ماڻهن بي گهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته جنگ سبب گهرن کي نقصان پهچڻ ۽ خوف سبب هڪ لک 23 هزار ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، غزا ۾ 73 هزار کان وڌيڪ ماڻهن اسڪولن ۾ پناهه ورتي آهي.