تازه ترين

فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس ۽ اسرائيلي فورسز تي ٽئين ڏينهن به حملا جاري

- Advertisement -
فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس ۽ اسرائيلي فورسز تي ٽئين ڏينهن به حملا جاري آهن حملن ۾ سينيئر فوجي ڪرنل سميت مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 700 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار 2 سئو  کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم طرفان ٽئين ڏهاڙي به اسرائيل تي وقفي وقفي سان حملا جاري آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب، حملن ۾ سينيئر ترين اسرائيلي فوجي ڪرنل جوناٿن اسٽينسبرگ سميت 700 کان وڌيڪ شهري ۽ فوجي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. حماس سينيئر اسرائيلي ڪمانڊر ميجر جنرل نمرود الوني سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ ۽ اسرائيل تي هزارين راڪيٽ فائر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. اسرائيل جي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 480 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته زخمين جو انگ 2 هزار 300 کان وڌي ويو آهي. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن ۾78 عورتون ۽ 41 ٻار به شامل آهن جڏهن ته زخمي فسلطيني ٻارن جو انگ 121 کان وڌيڪ آهي. ٿائلينڊ طرفان جنگ دوران 12 شهري مارجڻ ۽ 11 اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
13 %
1.2kmh
46 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون