فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس ۽ اسرائيلي فورسز تي ٽئين ڏينهن به حملا جاري آهن حملن ۾ سينيئر فوجي ڪرنل سميت مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 700 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار 2 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم طرفان ٽئين ڏهاڙي به اسرائيل تي وقفي وقفي سان حملا جاري آهن.
اسرائيلي ميڊيا موجب، حملن ۾ سينيئر ترين اسرائيلي فوجي ڪرنل جوناٿن اسٽينسبرگ سميت 700 کان وڌيڪ شهري ۽ فوجي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
حماس سينيئر اسرائيلي ڪمانڊر ميجر جنرل نمرود الوني سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ ۽ اسرائيل تي هزارين راڪيٽ فائر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
اسرائيل جي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 480 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته زخمين جو انگ 2 هزار 300 کان وڌي ويو آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن ۾78 عورتون ۽ 41 ٻار به شامل آهن جڏهن ته زخمي فسلطيني ٻارن جو انگ 121 کان وڌيڪ آهي.
ٿائلينڊ طرفان جنگ دوران 12 شهري مارجڻ ۽ 11 اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي…….
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.2
°
C
10.2
°
10.2
°
26%
0.8m/s
0%
خميس
10
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


