تازه ترين

فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ ۾ ناڪامي تي گڏيل قومن جي اهلڪار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن نيويارڪ آفيس جي سربراهه ڪريگ مخيبر فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ ۾ ناڪامي تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪريگ مخيبر فلسطين ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روڪڻ ۾ گڏيل قومن جي ناڪامي تي احتجاج ڪندي استعيفيٰ ڏني.

ڪريگ مخيبر جنيوا ۾ انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر کي هڪ خط به لکيو ، جنهن ۾ هن چيو آهي ته غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو هر لحاظ کان نسل ڪشي آهي.

پنهنجي خط جي متن ۾ ڪريگ مخيبر چيو ته فلسطين ۾ يورپي نسل پرست آبادڪاري جو منصوبو پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، منصوبي جو مقصد فلسطيني علائقن ۾ رهندڙ فلسطينين جي باقيات کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ آهي.

ڪريگ مخيبر وڌيڪ لکيو ته حد اها آهي ته آمريڪا، برطانيا ۽ اڪثر يورپي ملڪ ان خوفناڪ حملي ۾ برابر جا شريڪ آهن، اهي حڪومتون جنيوا ڪنوينشن جي احترام جي ذميواري پوري ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن.

خط جي متن موجب اهي حڪومتون اسرائيلي جارحيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ سرگرم ۽ اسرائيل کي معاشي ۽ انٽيليجنس مدد فراهم ڪري رهيون آهن.

ڪريگ مخيبر وڌيڪ لکيو ته اهي حڪومتون فلسطينين جي نسل ڪشي کي سياسي ۽ سفارتي جواز فراهم ڪرڻ ۾ به سرگرم آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
17 %
1.7kmh
40 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون