- Advertisement -
گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن نيويارڪ آفيس جي سربراهه ڪريگ مخيبر فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ ۾ ناڪامي تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪريگ مخيبر فلسطين ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روڪڻ ۾ گڏيل قومن جي ناڪامي تي احتجاج ڪندي استعيفيٰ ڏني.
ڪريگ مخيبر جنيوا ۾ انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر کي هڪ خط به لکيو ، جنهن ۾ هن چيو آهي ته غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو هر لحاظ کان نسل ڪشي آهي.
پنهنجي خط جي متن ۾ ڪريگ مخيبر چيو ته فلسطين ۾ يورپي نسل پرست آبادڪاري جو منصوبو پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، منصوبي جو مقصد فلسطيني علائقن ۾ رهندڙ فلسطينين جي باقيات کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ آهي.
ڪريگ مخيبر وڌيڪ لکيو ته حد اها آهي ته آمريڪا، برطانيا ۽ اڪثر يورپي ملڪ ان خوفناڪ حملي ۾ برابر جا شريڪ آهن، اهي حڪومتون جنيوا ڪنوينشن جي احترام جي ذميواري پوري ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن.
خط جي متن موجب اهي حڪومتون اسرائيلي جارحيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ سرگرم ۽ اسرائيل کي معاشي ۽ انٽيليجنس مدد فراهم ڪري رهيون آهن.
ڪريگ مخيبر وڌيڪ لکيو ته اهي حڪومتون فلسطينين جي نسل ڪشي کي سياسي ۽ سفارتي جواز فراهم ڪرڻ ۾ به سرگرم آهن.- Advertisement -
