سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته فوجي آفيسر ۽ جج به احتساب جوڳا آهن، پارليامينٽ ۾ قانونسازيءَ سان اختلاف رکندڙ ان کي چئلينج ڪرڻ جو اختيار نٿا رکن، عدالت پارليامينٽ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي.
نيب ترميم واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جو پندرهن سيپٽمبر واري فيصلي ۾ شامل اختلافي نوٽ جاري ڪيو ويو آهي.
27 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدليا قانون سازي تيستائين قانونسازيءَ جو جائزو وٺي سگهي ٿي، جڏهن اها انساني حقن سان ٽڪراءُ ۾ هجي.
هن چيو ته قانونسازن جو مفاد سامهون رکي قانونسازي جاچڻ پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي هيٺاهون ڏيکارڻ برابر آهي.
جسٽس منصور علي شاهه اختلافي نوٽ ۾ چيو ته اختلافِ راءِ رکندڙ ميڙ سان گڏ نه پر مستقبل جي رخ ڏانهن هلندو آهي.
هن چيو ته عدالتن کي سياسي موقف تي ناهي هلڻو هوندي، عوامي جذبن خلاف وڃي به عدالت جي آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڏيڻا پوندا آهن.
اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو ته ادران وچ ۾ توازن ان ئي صورت ۾قائم رهي سگهي ٿو، جڏهن احترام ٻطرفو هجي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پارلياماني نظام عدليا کي ايگزيڪيٽو يا حڪمران جي مخالف طور ناهي ڏٺو ويندو.
هن چيو ته عدليا کي ان وقت تائين صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جيستائين آئيني حدن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته درخواست ڏيندڙ نيب ترميمن کي عوام مفادن جي ابتڙ ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، هو آئين جي آرٽيڪل 8 ٽو تحت درخواست کي ميرٽ تي نه هجڻ تي خارج ڪري ٿو.
جسٽس منصور علي شاهه نوٽ ۾ لکيو ته پارليامينٽ جا ٺاهيل قانون ڪنهن نه ڪنهن ريت بنيادي حقن تائين پهچن ٿا.
هن چيو ته نيب قانون تحت ججن ۽ فوجي آفيسرن جو به احتساب ٿي سگهي ٿو، ڪيس جي 50 ٻڌڻين تي سوال ڪيو ته ڇا فوجي آفيسرن ۽ ججن جو احتساب ٿي سگهي ٿو؟ فوجي آفيسر ۽ ججن به نيب ترميم تحت احتساب جوڳا آهن.
هن چيو ته تاثر آهي ته فوجي آفيسرن ۽ ججن جي ڪرپشن جو ڪو به احتساب نه ٿو ٿي سگهي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پارليامينٽرينز جو قانون چئلينج ڪرڻ جو حق نه ٿو ٺهي، جمهوري نظام ۾ اڪثريت جو فيصلو يا قانونسازي قطعي تصور ٿيندي آهي.
هن چيو ته اڪثريت سان منظور قانونسازي کي حمايت۾ ووٽ ڏيندڙ بدران پوري پارليامينٽ جي قانونسازي سمجهڻ گهرجي.
جسٽس منصور علي شاهه اختلافي نوٽ ۾ چيو ته پارليامينٽ ۾ قانونسازيءَ سان اختلاف رکندڙ ان کي چئلينج ڪرڻ جو اختيار نٿا رکن، عدالت پارليامينٽ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي