تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

فوجي آفيسر ۽ جج به احتساب  جوڳا آهن؛ جسٽس منصور علي شاهه

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته فوجي آفيسر ۽ جج به احتساب  جوڳا آهن، پارليامينٽ ۾ قانونسازيءَ سان اختلاف رکندڙ ان کي چئلينج ڪرڻ جو اختيار نٿا رکن، عدالت پارليامينٽ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري  سگهي. نيب ترميم واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جو پندرهن سيپٽمبر واري فيصلي ۾ شامل اختلافي نوٽ جاري ڪيو ويو آهي. 27 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدليا قانون سازي تيستائين قانونسازيءَ جو جائزو وٺي سگهي ٿي، جڏهن اها انساني حقن سان ٽڪراءُ ۾ هجي. هن چيو ته قانونسازن جو مفاد سامهون رکي قانونسازي جاچڻ پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي هيٺاهون ڏيکارڻ برابر آهي. جسٽس منصور علي شاهه اختلافي نوٽ ۾ چيو ته اختلافِ راءِ رکندڙ ميڙ سان گڏ نه پر مستقبل جي رخ ڏانهن هلندو آهي. هن چيو ته عدالتن کي سياسي موقف تي ناهي هلڻو هوندي، عوامي جذبن خلاف وڃي به عدالت جي آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڏيڻا پوندا آهن. اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو ته ادران وچ ۾ توازن ان ئي صورت ۾قائم رهي سگهي ٿو، جڏهن احترام ٻطرفو هجي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پارلياماني نظام عدليا کي ايگزيڪيٽو يا حڪمران جي مخالف طور ناهي ڏٺو ويندو. هن چيو ته  عدليا کي ان وقت تائين صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جيستائين آئيني حدن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته درخواست ڏيندڙ نيب ترميمن کي عوام مفادن جي ابتڙ ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، هو آئين جي آرٽيڪل 8 ٽو تحت درخواست کي ميرٽ تي نه هجڻ تي خارج ڪري ٿو. جسٽس منصور علي شاهه نوٽ ۾ لکيو ته پارليامينٽ جا ٺاهيل قانون ڪنهن نه ڪنهن ريت بنيادي حقن تائين پهچن ٿا. هن چيو ته نيب قانون تحت ججن ۽ فوجي آفيسرن جو به احتساب ٿي سگهي ٿو، ڪيس جي 50 ٻڌڻين تي سوال ڪيو ته ڇا فوجي آفيسرن ۽ ججن جو احتساب ٿي سگهي ٿو؟ فوجي آفيسر ۽ ججن به نيب ترميم تحت احتساب جوڳا آهن. هن چيو ته تاثر آهي ته فوجي آفيسرن ۽ ججن جي ڪرپشن جو ڪو به احتساب نه ٿو ٿي سگهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پارليامينٽرينز جو قانون چئلينج ڪرڻ جو حق نه ٿو ٺهي، جمهوري نظام ۾ اڪثريت جو فيصلو يا قانونسازي قطعي تصور ٿيندي آهي. هن چيو ته اڪثريت سان منظور قانونسازي کي حمايت۾ ووٽ ڏيندڙ بدران  پوري پارليامينٽ جي قانونسازي سمجهڻ گهرجي. جسٽس منصور علي شاهه اختلافي نوٽ ۾ چيو ته پارليامينٽ ۾ قانونسازيءَ سان اختلاف رکندڙ ان کي چئلينج ڪرڻ جو اختيار نٿا رکن، عدالت پارليامينٽ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري  سگهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون