فوج خلاف بغاوت جي ڪوششن کانپوءِ پي ٽي آءِ وارا ڳالهين ڪرڻ چاهن ٿ: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير  خواجه آصف چيو آهي ته فوج خلاف بغاوت جي ڪوششن کانپوءِ پي ٽي آءِ وارا ڳالهين ڪرڻ چاهن ٿا، جڏهن پاڻ حڪومت ۾ هئا ته ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هئا، ڳالهين ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي ويهڻ گهرجي، جيڪڏهن سليڪٽيڊ ڳالهيون ئي ڪرڻيون آهن ته ناڪامي يقيني آهي. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته سال اڳ ملڪ جي دفاعي ادارن تي حملو ڪيو ويو، اها پاڪ فوج  ۽ پاڪستان  جي سلامتي خلاف سازش هئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن اسٽيبلشمنٽ سان ڳالهين لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي ٺاهي آهي،  فوج خلاف بغاوت جي ڪوشش ڪندڙ هاڻي ڳالهيون ڪرڻ چاهن ٿا، هنن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي. خواجه آصف چيو ته هاڻي چون پيا ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا کليل رهندا آهن، جڏهن پاڻ حڪومت ۾ هئا ته ڪنهن سان ويهڻ لاءِ تيار نه هئا. بچاءَ واري وزير چيو ته ڳالهين ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي ويهڻ گهرجي، جيڪڏهن سليڪٽيڊ ڳالهيون ئي ڪرڻيون آهن ته ناڪامي يقيني آهي. خواجه آصف چيو ته 9 مئي تي قومي اسيمبلي ۾بحث ڪرايو ويندو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن جي مذمت ڪئي ويندي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18 ° C
18 °
18 °
47%
0.4m/s
7%
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
27 °
خميس
25 °

تازه ترين خبرون