- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پنجاهه رپين ۾ عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪيون آهن، هر ضلعي ۾ بسون هلنديون، هر حال ۾ عوام کي رليف ڏيڻو آهي.
ٽرانسپورٽ کاتي طرفان آٽو ميٽڊ فيئر ڪليڪشن سسٽم جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي ۽ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ شرڪت ڪئي.
پيپلز بس سروس جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شفيق آٽو ميٽڊ فيئر ڪليڪشن نظام بابت وڏي وزير ۽ سينيئر صوبائي وزير کي بريف ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ نظام ۾ جدت آندي پئي وڃي، آٽو ميٽڊ فيئر ڪليڪشن نظام شروع ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون اسڪيمون آهن جيڪي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو شروع ٿيون آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو پنڪ بس ۽ ماحول دسوت اليڪٽرڪ بسون شروع ٿيون، اهو پارٽي چيئرمين ۽ صدر آصف زرداري جو ويزن هو جنهن کي هو اڳتي کڻي ويا.
صوبائي وزير چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، هر ضلعي ۾ بسون هلنديون، هر حال ۾ عوام کي رليف ڏيڻو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته آٽو ميٽڊ ڪليڪشن ڪارڊ ٻه روٽن آر ون ۽ آر نائن تي شروع ڪيا ويندا، ڪراين ۾ اضافي جي سمري ڪابينا ۾ وئي ته وڏي وزير چيو ته ڪرايو نه وڌايو وڃي، حڪومت سبسڊي ڏيندي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم نگران حڪومت ۾ نه ٿي سگهيو، مهانگائي جا مسئلا موجود آهن پر هنن ريڊ لائن جو ڪم شروع ڪرايو- Advertisement -
