تازه ترين

فوج ۽ فوجي قيادت طرفان بچاءَ واري ڏهاڙي تي شهيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش

ملڪ جي بچاءَ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، فوجي قيادت جو چوڻ آهي ته هو قوم جي حيثيت سان سمورن شهيدن جي قربانين جا قرضدار آهن جن ملڪ جي جهنڊي جي سربلندي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، 58هين بچاءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ پاڪ فوج طرفان شهيدن ۽ سندن وارثن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

فوجي قيادت پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن 1965ع تي حق ۽ باطل وچ ۾ جنگ ثابت ڪيو ته قوم پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي.

فوجي قيادت موجب، ڇهه سيپٽمبر تي وطن عزيز جي هزارين پٽن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، جوانن جي قربانين سان پاڪ سر زمين جو دفاع نه فتح ٿيڻ جوڳو بڻايو ويو.

پاڪ فوج جي سربراهن وڌيڪ چيو ته اڄ پوري قوم سمورن شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، هو قوم جي حيثيت سان جانين جو نذران پيش ڪندڙ سمورن شهيدن جي قربانين جا قرضدار آهن.

فوجي قيادت چيو ته هٿياربند فوج هر طرح جي اندرين ۽ ٻاهرين خطرن خلاف وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو…

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون