فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام نوٽس فيچر ۾ وڌيڪ بهتري آڻي ڇڏي آهي.

- Advertisement -
ويب لاءِ فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام نوٽس فيچر ۾ وڌيڪ بهتري آڻي ڇڏي آهي. ياد رهي ته انسٽاگرام ڊسمبر 2022ع ۾ نوٽس جي نالي سان هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو هو، جنهن جو مقصد صارفين کي پنهنجا خيال لکت ۾ پنهنجن دوستن سان شيئر ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ هو. هاڻي ميٽا جي ملڪيت فوٽو شيئرنگ واري ايپ نوٽس کي وڌيڪ بهتر ڪري ڇڏيو آهي، ان مقصد لاءِ ڪمپني طرفان نوٽس پروموٽ جو اضافو ڪيو ويو آهي. انسٽاگرام جي ان فيچر سان صارفين پنهنجن دوستن سان مختلف سوال يا ڪو مشورو جي لاءِ لکت ۾ شيئر ڪري سگهن  ٿا، مثال طور، مون کي اڄ منجهند جي ماني ۾ ڇا کائڻ کپي؟ وغيره وغيره. اهڙن سوالن تي دوستن طرفان مختلف جواب، ٽپس، مشورا يا پنهنجا خيال بيان ڪري سگهن ٿا. هي فيچر گهڻي حد تائين فيس بوڪ مينشنز جهڙو آهي، جنهن ۾ صارفين ڪنهن دوست کي نوٽس ۾ ٽيگ ڪري  سگهن ٿا. انسٽاگرام طرفان نوٽس لائيڪ کي به نوٽس جو حصو بڻايو  وڃي ٿو، جيڪو لائيڪ فيچر جيان ڪم ڪندو آهي، يعني ڪنهن نوٽ تي ٻه دفعا ڪلڪ ڪريو يا دل تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته نوٽس فيچر ۾ هڪ صارف 60 لفظن تي مشتمل پنهنجو پيغام لکي پنهنجي فالوورن سان شيئر ڪري سگهي ٿو. نوٽ پوسٽ  ڪرڻ تي اهو ميسيج ٽيب ۾ صارف جي پروفائيل فوٽو جي ويجهو نظر ايندو آهي. صارف جي لکت واري نوٽس جي لاءِ 24 ڪلاڪن لاءِ دستياب هوندي ۽ ان تي جواب به ڏئي سگهن ٿا. صارفين پنهنجي نوٽس کي مخصوص ماڻهن تائين به محدود ڪري سگهن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
10%
2.1m/s
5%
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون