فيبروري تي طوفاني برسات  سبب ڪي پي ۾ تباهي ٿي, متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي: وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف ڪي پي ۾ برسات ۽ برفباري سبب متاثرن لاءِ امداد جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 23 فيبروري تي طوفاني برسات  سبب ڪي پي ۾ تباهي ٿي، سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان به ٿيو، متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. شهبازشريف پشاور جي دوري تي پهتو، جتي هن طوفاني برساتن ۽ برفباري سبب متاثرن سان ملاقات ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي شهبازشريف چيو ته 23 فيبروري تي طوفاني برسات  سبب ڪي پي ۾ تباهي ٿي، سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان به ٿيو. هن چيو ته هو متاثرن جي عيادت ۽ فوتين جي پونئرن سان تعزيت ڪرڻ آيو آهي، سندن هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته هي قدرت آفتون آهن، بدقسمتيءَ سان موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان متاثر ٿي رهيو آهي. شهبازشريف چيو ته صوبائي حڪومت خوراڪ لاءِ سٺو ڪم ڪيو آهي، 11 مارچ تي متاثرن جي گهرن ۾ چيڪ پهچي ويندا. وزيراعظم چيو ته برساتن ۽ برفباريءَ سبب فوت ٿيلن جي پونئيرن کي 20 -20 لک ۽ زخمين کي 5 لک رپيا امداد ڏني ويندي. شهبازشريف اعلان ڪيو ته مڪمل تباهه گهرن جي مالڪن کي ست لک ڏنا ويندا ۽ جن جي گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي، انهن کي 3 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو. ان موقعي تي وزيراعظم متاثرن ۾ امدادي چيڪ پڻ ورهايا….  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
25%
5.8m/s
24%
سُومر
24 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون