سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حق، سچ ۽ تاريخ جي فتح ٿي آهي: نثار کهڙو

- Advertisement -
پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي راءِ سان ثابت ٿيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ جو فيصلو عدالتي قتل هو ۽ عدالت ريفرنس تي راءِ ڏئي غلطي تسليم ڪري تاريخ ۾ درستگي ڪري ڇڏي. ميري خان ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهي ۾ لارجر بئنچ شهيد ڀٽو جي ڦاهيءَ بابت صدارتي ريفرنس تي پنهنجي راءِ ڏئي آئين جي علمبرداري ۽ حق تي مبني فيصلي جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حق، سچ ۽ تاريخ جي فتح ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏئي اِهو سوچيو ويو ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي پر پيپلز پارٽي اڄ به قائم ۽ دائم آهي ۽ اڳتي به وڌيڪ مضبوطيءَ سان قائم رهندي. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي جو چوڻ هو ته 9 مارچ تي سڀني اليڪٽوريل ڪاليج ۾ اڪثريت سان ووٽ کڻي آصف علي زرداري ملڪ جو صدر بڻجندو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي خراب معاشي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني سياسي جماعتن کي ميثاقِ معيشت جوڙڻ گهرجي جنهن لاءِ سڀني جماعتن وچ ۾ گرينڊ ڊائلاگ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ميثاقِ معيشت سان گڏجي سمورن سياسي جماعتن وچ ۾ نئين ميثاقِ جمهوريت جي پڻ ضرورت آهي ان عمل سان ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي ..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
22%
3.9m/s
0%
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون